خصائص علي بن ابي طالب عليه السلام

خصائص علي بن ابي طالب عليه السلام

خصائص علي بن ابي طالب عليه السلام

خصائص علي بن ابي طالب عليه السلام (ڪتاب): هيءُ ڪتاب امام نسائيءَ جو عربي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو حافظ مولانا سعيد احمد ڀُٽي ڪيو آهي. امام نسائيءَ جي هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ هي پـهـريـون ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾حضرت علي بن ابي طالب عليه السلام جون خصوصيتون ۽ فضيلتون امام احمد بن شعيب امام نسائي رضه حديثن جي روشنيءَ ۾ بيان ڪيون آهن. امام نسائيءَ پنهنجي هن ڪتاب ۾ 194 حديثن وسيلي حضرت عليعه جي افضليت، شان ۽ رتبي کي بيان ڪيو آهي. مترجم مولانا سعيد ڀٽي ڪتاب جي ترجمي سان گڏ هر هڪ حديث تي تفصيلي روشني وڌي آهي. هن ڪتاب ۾ مترجم تفصيلي مقدمو به شامل ڪيو آهي. ڊيمي سائيز جو 408 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، خان محمد قريشي بوبڪائي، 2009ع ۾ ڇپرايو آهي. چئن رنگن جي ٽائٽل، پڪي جلد ۽ ڊسٽ ڪور واري هن ڪتاب جي قيمت 300 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو